ڊاڪٽر امام علي مرزا

ڊاڪٽر امام علي مرزا

امام علي مرزا ڊاڪٽر

امام علي مرزا ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر ولد ميرزا امداد علي ٽنڊي آغا ( حيدرآباد ) جي علمي ، ادبي ۽ مذهبي ميرزا گهراڻي ۾ 14 آگسٽ 1960ع ۾ جنم ورتو . ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ مئٽرڪ 1977ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مان ، انٽر سچل سرمست آرٽس ڪاليج مان 1979ع ۾ پاس ڪيائين . بي . اي ۽ ايم . اي ( سنڌي ) سٽي آرٽس ڪاليج مان پاس ڪري ’سنڌ جي عزاداري ‘ جي عنوان سان سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1996ع ۾ پي . ايڇ . ڊي ( سنڌي ) جي سند حاصل ڪيائين . عملي زندگيءَ جي شروعات 1978ع کان جيل کاتي کان شروع ڪيائين . ريڊيو حيدرآباد ۽ سنڌالاجيءَ ۾ پڻ ملازمت ڪيائين ۽ آخر ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ليڪچرر جي عهدي تي سٽي آرٽس ڪاليج ۾ مقرر ٿيو . ترقيءَ جون منزلون طئي ڪندو هن وقت ريجنل ڊائريڪٽر آف ڪاليجز حيدرآباد جي عهدي تي فائز آهي . ايران جو ٽي دفعا سير ڪيائين . علمي ادبي ماحول جي پرورش سبب کيس ننڍپڻ کان ئي نثر ۽ نظم لکڻ جو شوق هو . سندس پي . ايڇ . ڊي جي ٿيسز ’سنڌ جي عزاداري ‘ شايع ٿي چڪي آهي ۽ ان جو اردو ترجمو پڻ شايع ٿيل آهي . ان کانسواءِ ’سنڌي مرثيي جي تاريخ ‘ ، ’مرثين جو مجموعو ‘ ، ’دينيات جا ٽي ڪتاب ‘ پڻ شايع ٿي چڪا آهن . سندس ڪجهه ڪتاب ڇپائي جا منتظر آهن . ميرزا افسر جا ڪيترائي تحقيقي مقالا ۽ مضمون نئين زندگي ، پيغام ، اظهار ، مهراڻ ، پنجتني اخبار ۽ ٻين رسالن ۾ پڻ شايع ٿي چڪا آهن . عزاداري جي ڏهاڙن ۾ ميرزا افسر مرثيه ۽ سلام پڻ پڙهندو آهي . ۽ مختلف نعتيه محفلن ۾ نعت خواني پڻ ڪندو آهي . شاعري جي شروعات پڻ ننڍپڻ کان شروع ڪيائين . شاعري جي صنفن ۾ مرثيه ، سلام ، غزل ، قصيدو ، قطعه تاريخ ، رباعي ۽ نوحي جي صنفن تي پڻ طبع آزمائي ڪندو آهي . ٽنڊي آغا جي قديم ۽ مشهور امام بارگاهه علي آباد ۾ منعقد ٿيندڙ هر طرحي مشاعري ۾ پڻ شرڪت ڪري داد حاصل ڪندو آهي


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.08.14  عيسوي

امام علي مرزا ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ميرزا امام علي بيگ افسر ولد ميرزا امداد علي ٽنڊي آغا ( حيدرآباد ) جي علمي ، ادبي ۽ مذهبي ميرزا گهراڻي ۾ 14 آگسٽ 1960ع ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جمن چارڻ
ڀاوناڻي موهن ديارام
خواجه احمد عباس
درويش دائود 1
اختر حميد خان
چانڊيو ڀرڪيو شاهاڻي
جلال محمد مخدوم
قاضي دائود
الستي عبدالغفور
عبدالحڪيم سومرو مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون